ترڪن جون قبرون

ترڪن جون قبرون (ماڳ ):اسلامي دور جو قبرستان، بلوچستان جي سيرونا (ڪوئٽا) علائقي ۾ واقع آهي. هنن گهاڙين کي مقامي طور ترڪانا هديرا گهاڪ (Turka-na Hadiraghat) يا ترڪن جون قبرون سڏين ٿا. جيڪي ڳوٺ ڀونگي ڀرسان سيرونا کان 12 ميلن جي مفاصلي تي آهن. آسپاس اهڙين پٿر جي قبرن جا ٻيا ٻه ميڙ (Set) به آهن، اهي به اسلامي دور جا آهن. انهيءَ سان گڏ ٽي ٻين وڏين قبرن جا ٽي ميڙ آهن، جن کي ديون جون قبرون (Giants Graves) ڪري سڏين ٿا. اهي قبرون دڙن وانگر ٺهيل آهن


لفظ ترڪن جون قبرونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو